اڳوڻي صدر آصف زرداري، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين پاران پشاور دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي

Asif-Khursheed-Murad-PPP-11217

اڳوڻي صدر آصف زرداري، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين پاران پشاور دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي، آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان کي دهشتگردن جي نرسري کي تباهه ڪرڻو پوندو، دهشتگردن کي هٿيڪو ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ گهرجي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو.

اڳوڻي صدر چيو ته اسان کي دهشتگردن جي  نرسي کي تباهه ڪرڻو پوندو.

آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردن کي هٿيڪو ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ گهرجي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پشاور ۾ ٿيل دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته کيس دهشتگردي ۾ ٿيل جاني نقصان تي دلي ڏک پهتو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته دهشتگردي جي ناسور جو جلد خاتمو ضروري آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته دهشتگردي جي خاتمي کانسواءِ خوشحالي حاصل نه ٿا ڪري سگهون.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پشاور حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*