وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، شهبازشريف ۽ ٻين پاران پشاور زرعي يونيورسٽي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي

PM-Khaqan-CM-PJ-Shahbaz-KP-Pervez-11217

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، شهبازشريف ۽ ٻين پاران پشاور زرعي يونيورسٽي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پشاور ۾ دهشتگردن جي زرعي يونيورسٽي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته پوليس وقت تي پهچي دهشتگردي تي ضابطو آندو،

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي  وئي آهي، جڏهن ته اسپتال اندر سموريون سهولتون موجود آهن.

پرويز خٽڪ چيو ته اڄ زرعي يونيورسٽي جيڪو واقعو پيش ايو، اهو ڳڻتي جوڳو آهي.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پشاور زرعي يونيورسٽي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ڪي پي جي پوليس جي وقت تي ڪارروائي واکاڻ جوڳو عمل آهي.جيڪڏهن وقت تي ڪارروائي نه ٿئي ته وڏو نقصان ٿئي ها.

جهانگير ترين چيو ته ڪي پي پوليس جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو، پاڪ فوج جو سهڪار به ساراهه جوڳو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*