تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پشاور حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پشاور ۾ خطرناڪ دهشتگرد حملي کي گهٽ وقت ۾ ناڪام بڻائڻ اطمينان جوڳو عمل آهي

Imran-Khan-11217

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پشاور حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پشاور ۾ خطرناڪ دهشتگرد حملي کي گهٽ وقت ۾ ناڪام بڻائڻ اطمينان جوڳو عمل آهي، رت جي راند کيڏيندڙ انسانيت ۽ اسلام جا دشمن آهن ، فورسز سندن ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيا آهن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان حملي کانپوءِ جوابي ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

عمران خان چيو آهي ته انتهائي خطرناڪ حملي کي تمام گهٽ وقت ۾ ناڪام بڻائڻ اطمينان جوڳو آهي، پوليس ۽ فوج جي بروقت ڪارروائي سبب وڏو نقصان نه ٿيو.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي پيشيوراڻي بنيادن نئين جوڙجڪ ڪاررائتي ثابت ٿي رهي آهي. دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ پيشيوراڻي مهارت جو نتيجو آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته رت جي راند کيڏندڙ انسانيت ۽ اسلام جا د شمن آهن.

عمران خان چيو ته واقعي جي حقيقي ذميوارن تائين پهچ لاءِ جاچ ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*