افغانستان ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 186 ٿي ويو

افغانستان ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 186 ٿي ويو آهي جڏهن ته 100 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، جنهن بعد انساني هاڃي جي ڪر کڻڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

افغانستان جي پنجشير واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن کان برفانيڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾فوت ٿيل شهرين جو انگ وڌي 186 ٿي ويو آهي.

اختيارين موجب ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن هلندڙ آهي جنهن ۾ وڌيڪ انساني جانين جي  ضائع ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو دٻجي فوت ٿيا آهن جڏهن ته 100 کان وڌي زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اختيارين علائقي واسين کي خراب موسم ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

صوبي پنجشير جي گورنر رحمان ڪبيري جو چوڻ آهي ته ان گذريل 5 سالن کان ايڏي وڏي اندازي ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ جا واقعا ناهن ڏٺا.

سندس چوڻ آهي ته دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو اهلڪارن کي به برف سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*