بالي ووڊ اسٽار سشانت سنگهه راجپوت جي نئين فلم ”ڊيٽيڪٽــِو بيومڪيش بخشي“ جي مشهوري لاءِ ممبئي ۾ فيشن شو منعقد ڪيو ويو

بالي ووڊ اسٽار سشانت سنگهه راجپوت جي نئين فلم ”ڊيٽيڪٽــِو بيومڪيش بخشي“ جي مشهوري لاءِ ممبئي ۾ فيشن شو منعقد ڪيو ويو.

ممبئي جي ڪــَي جــِي سوميا ڪاليج جي شاگردن فيشن شو منعقد ڪيو، جنهن جو ٿيم ”ڊٽيڪٽــِو بيومڪيش بخشي“ هو، فيشن شو جي خاص ڳالهه ڀارتي روايتي ڌوتي هئي.

”ڊيٽيڪٽــِو بيومڪيش بخشي“ جي ڪهاڻي هڪ جاسوس تي ٻڌل آهي، جنهن جو خالق بنگالي ليکڪ شراڊينڊو بنڊيوپاڌي آهي، فلم ۾ سشانت سنگهه راجپوت مک ڪردار نڀايو آهي، ساڻس گڏ سواستيڪا مکرجي به اهم ڪردار ۾ نظر ايندي.

سشانت سنگهه جو چوڻ هو ته هو هر فلم لاءِ ڀرپور تياري ڪندو آهي ۽ هن فلم لاءِ به هو گذريل 8 مهينن کان سخت محنت ڪري رهيو آهي، کيس اميد آهي ته ماڻهو فلم ڏسڻ بعد اهو ضرور چوندا ته کين اهو ئي مليو، جيڪو هو ڏسڻ آيا هئا.

ان موقعي تي سشانت سنگهه پاڻ به ريمپ تي واڪ ڪيو ۽ ڪاليج جي شاگردن سان گڏجي ڊانس به ڪيو.

يش راج فلمز جي ”ڊيٽيڪٽــِو بيومڪيش بخشي“ هلندڙ سال 13 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*