گهوٽڪي ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، جسقم، ليبر فيڊريشن، شهري اتحاد، پي ٽي الف، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ڌار ڌار ايڪتا ريليون ڪڍيون ويون

ghotki ekta day

گهوٽڪي ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، جسقم، ليبر فيڊريشن، شهري اتحاد، پي ٽي الف، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ڌار ڌار ايڪتا ريليون ڪڍيون ويون، پريس ڪلب اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي وئي، هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

تقريب دوران قومي گيتن تي نوجوانن پاران جهمريون هڻي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو.

ميرپورماٿيلي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، قومي گيتن تي نوجوانن جهمريون هنيون.

اوٻاوڙي ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز آفيس کان ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن استادن، شاگردن ۽ شهرين جي وڏي انگ  شرڪت ڪئي، باءِ پاس تي انساني زنجير پڻ ٺاهي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*