نوابشاهه سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ايڪتا ريليون ڪڍيون ويون ۽ تقريبون پڻ ٿيون

nawabshah ekta rally

نوابشاهه  سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ايڪتا ريليون ڪڍيون ويون ۽ تقريبون پڻ ٿيون.

نوابشاهه ۾حق صوفي ازم پاران فقير جي ايم مست پروازي طرفان صوفين فقير مشتاق ڪرد جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي، ريلي ۾ ٻه ننڍڙا گهوٽ ٻن سالن جو پهلوان خاصخيلي ۽ ٻن سالن جو رحمان خاصخيلي به شريڪ ٿيا، ڳوٺ محمود  جمالي مان پڻ ريلي ڪڍي وئي، سوسائٽي مان ڪڍيل ريلي ۾ 105 ورهين جو پيرسن رسالدار ڊومڪي پنهنجي پٽن پوٽن سان گڏ شريڪ ٿيو، جڏهن ته جاڙو ڏاهري مٿي تي دلو رکي قومي گيتن تي ڊانس ڪئي،  نوجوان مگسي اتحاد طرفان فدا مگسي جي اڳواڻي ۾ايڪتا ريلي ڪڍي وئي.

پڊ عيدن ۾ جسقم پاران نصرت ڪئنال کان ريلي ڪڍي وئي، مک تقريب ريشم گهٽي ۾ ٿي.

ٻانڌي ۾  جسقم  ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ريلي ڪڍي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*