جي يو آءِ پاران تحفظ مدارس ۽ تحفظ ناموس رسالت ريلي کانپوءِ سکر ۾ ڌرڻو جاري، مدرسن خلاف ڪارروائي برداشت نه ڪبي، اڳواڻ

جي يو آءِ پاران تحفظ مدارس ۽ تحفظ ناموس رسالت ريلي کانپوءِ سکر ۾ ڌرڻو جاري آهي، اڳواڻن چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان جي نالي تي مدرسن خلاف ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي.

جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو، مولانا عبدالله پهوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لکي غلام شاهه کان هزارين گاڏين جي ريلي سکر جي گهنٽا گهر چوڪ تي پهتي، جتي ڌرڻو جاري آهي.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان جي نالي تي ڪنهن به مدرسي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته ان کي برداشت نه ڪيو ويندو.

اڳواڻن گستاخ خاڪن جي مذمت ڪندي چيو ته ناموس رسالت جو هر حال ۾ تحفظ ڪيو ويندو.

ريلي ۾ شريڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن داڪٽر خالد محمود سومرو جا قاتل ظاهر نه ٿيڻ خلاف به نعريبازي ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*