نوشهرو فيروز ضلعي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون

n feroz ekta rally

نوشهرو فيروز ضلعي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، نوشهري فيروز ۾مختلف علائقن مان سياسي ۽ سماجي تنظيمن  ريليون ڪڍيون، جڏهن ته مک تقريب پريس ڪلب تي جاري آهي.

محرابپور ۾مک گيٽ کان اٺ گاڏين جي ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، جسقم، سنڌي سڄڻ ساٿ ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسٽيشن چوڪ تي مک تقريب ٿي.

ڀرياسٽي ۾ ايڪتا جي سلسلي ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي  تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي.

مٺياڻي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان جسقم پاران ريلي ڪڍي وئي، مک تقريب مين چوڪ تي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*