ڪراچي ۾ سي ويو ويجهو ريس دوران ٻن ڪار سوارن ۾ جهيڙي تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو

Lahore-firing-murder-case-171117

ڪراچي ۾ سي ويو ويجهو ريس دوران ٻن ڪار سوارن ۾ جهيڙي تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ريسيڪيو ذريعن موجب سي ويو تي ڪارن جي ريس دوران ٻن ڪار سوارن ۾ جهيڙي تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب گاڏي تي 9 کان وڌيڪ گولين جا نشان آهن، واقعي واري هنڌ تان هڪ نائين ايم ايم پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب  طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*