ڪراچي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون پريس ڪلب پهچڻ شروع ٿي ويون آهن

khi ekta press club

ڪراچي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون پريس ڪلب پهچڻ شروع ٿي ويون آهن، جتي ثقافتي لباس پهري سنڌ جو عوام ايڪتا جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ايڪتا جا رنگ وکيرڻ لاءِ شاندار اسٽيج به تيار ڪئي وئي آهي، جتي نالي وارا راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

ملير، گلشن حديد، هاڪس بي،  ابراهيم حيدري، ڀٽائي آباد، غازي ڳوٺ، سچل ڳوٺ، گلستان جوهر، شانتي نگر، پهلوان ڳوٺ، مخدوم بلال، ماروي ڳوٺ، لياري، ماڙيپور، ڪيماڙي، منگهوپير ۽ ٻين علائقن کان ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ شروع ٿي ويون آهن.

هميشه جيان ڪراچي پريس ڪلب تي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، جتي شاندار اسٽيج به تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تي ناليوارا فنڪار پرفارم ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*