سکر ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون

sukkur ekta rally

سکر ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، قومي گيتن تي نوجوانن جهمريون هنيون.

   سکر ۾ جسقم، ايس يو پي، شيخ ڪميونٽي اتحاد، جوڳي جاڳو اتحاد ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.

 پريس ڪلب اڳيان مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ناليواري فنڪارن طفيل سنجراڻي، غلام عباس، سهيل چانڊيو، سني طاهر، فضل جان  ۽ ٻين فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو.

 تقريب ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي، قومي گيتن تي نوجوانن جهمريون هڻي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو.

پنوعاقل ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جسقم، نوجوان اتحاد، هاري ڪميٽي ۽ شهرين ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، شاهه لطيف چوڪ وٽ مک تقريب منعقد ڪئي.

تقريب دوران قومي گيتن تي نوجوانن جهمريون هڻي سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*