سپريم ڪورٽ ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي بابت پنجاب حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ، ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي ۾ پنجاب حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ اقليتن کي قتل ڪرڻ واقعا نوان ناهن، هن ڪيس کي سرد خاني ۾ نه رکيو ويندو.

جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پنجاب جي شهر ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پنجاب پوليس جاچ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو ته 140مان 80 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب، ڪيس جي  3 مک جوابدارن مان 2 کي گرفتار ڪيو ويو، هڪ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا  پيا  وڃن.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ مان لڳي ٿو ته معاملي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو.

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته پنجاب ۾اقليتن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا نوان ناهن،عدالت هن ڪيس کي سرد خاني ۾ نه رکندي پر انجام تائين پهچائيندي.

عدالت، پوليس کان ٻن هفتن اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*