ايندڙ مهيني پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان
تيل اگهن ۾ ايندڙ مهيني کان ڦير ڦار جو امڪان آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ 5 رپيا 59 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي قيمت 5 رپيا 50 پئسا واڌ ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 49 پئسا لاٿ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
اوگرا پيٽرول شين جي اگهن ۾ ڦير ڦار جي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، سمري ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ 5 رپيا 59 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي قيمت 5 رپيا 50 پئسا واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
اوگرا ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 49 پئسا لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته گاسليٽ به في ليٽر تي 7 رپيا 32 پئسا مهانگو ٿي سگهي ٿو.
سمري منظوري ٿيڻ بعد تيل جا نوان اگهه پهرين مارچ تي لاڳو ٿيندا.