لياري گينگ وار جي مک جوابدار عذير بلوچ کي ابوظهبي جيل کان دبئي منتقل ڪيو ويو

لياري گينگ وار جي مک جوابدار عزير بلوچ کي ابوظهبي جيل کان دبئي منتقل ڪيو ويو آهي، کيس ڪجهه ڏينهن اندر ڏيهه واپس آڻڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، پاڪستان جي سڪيورٽي ٽيم عزير جان بلوچ کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

ذريعن موجب، ابوظهبي جي جيل ۾ قيد عذير بلوچ کي دبئي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد انٽرپول اختياريون پاڪستان جي سڪيورٽي ٽيم حوالي ڪنديون.

ذريعن موجب، عذير بلوچ کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ڏيهه واپس آڻي سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*