ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي نظام سنڌ جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي

farooq sattar tando jam

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي نظام سنڌ جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي، ان جي خاتمي لاءِ رستن تي نڪتا آهيون، سنڌ جي شهرن جي آدمشماري گهٽائي  ٻهراڙي جي آدمشماري وڌيڪ ڏيکاري پئي وڃي، جيڪا وڏ وزارت کان روڪڻ جي ڪوشش آهي.

ٽنڊي ڄام ۾ ورڪشاپ اسٽاپ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار وڌيڪ چيو ته ملڪ جو ڦريل ڪيل ناڻوملڪ ۾ واپس آندو ويندو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه وڌيڪ چيو ته جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي نظام جي خاتمي لاءِ دورن تي نڪتاسين  ته اسان جي مخالفن کي دورا پوڻ شروع ٿي ويا آهن.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي شهري علائقن جي آدمشماري گهٽ ۽ ٻهراڙي جي آبادي کي وڌيڪ ڏيکاري هو پنهنجون سيٽون وڌائڻ چاهين ٿا، جئين وزير اعليٰ اسان جو نه اچي سگهي.

فاروق ستار وڌيڪ چيو ته سنڌ مان ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، زمين تي قبضا ۽ ڀتا ورتا پيا وڃن، پر سنڌ جي ترقي ڪنهن کي به عزيز ناهي.

 هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين ۽ مهاجرن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*