پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوازشريف کي سياست ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

bilawal

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوازشريف کي سياست ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ميان نواز صاحب 3 ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو، هاڻ هو ڇا ٿو چاهي، ن ليگ ۽ جمهوريت لاءِ بهتر ٿيندو ته نوازشريف رٽائر ٿي وڃي، مان نوازشريف کي مشورو ڏنو هو ته هو پنهنجي موقف تي نظر ثاڪري.

اسلام آباد ۾ سڀاڻي ٿيندڙ جلسي جي تيارين جو جائزو وٺڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوازشريف کي ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سياست کي ڇڏڻ گهرجي.

هن چيو ته مون ميان صاحب کي مشوروڏنو هو ته هـُو پنهنجي موقف تي نظرثاني ڪري،

پيپپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته جمهوريت ۽ ن ليگ لاءِ بهتر آهي ته نواز شريف سياست ڇڏي ڏي، هاڻ کيس پنهنجي پارٽي بابت سوچڻو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  سڀاڻي پريڊ گرائونڊ وارو جلسو تاريخي ٿيند، اوهان ڏسندئو.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته صاف پاڻي جو بحران پوري ملڪ کي متاثر ڪري رهيو آهي، سنڌ سرڪار مسئلي جي حل لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽس لڳايا ويا آهن، جڏهن ته ڊيمز جي اڏاوت ۽ ندين کي پڪو ڪرڻ جو ڪم جاري آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻين صوبن ڇا ڪيو آهي رڳو سنڌ تي تنقيد ڇو ٿيندي آهي ؟، خوشي آهي ته وڏي وزير کي معاملو عدالت آڏو رکڻ جو موقعو مليو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*