سنڌ ڪابينا، کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ايڪسپورٽرز کي 9 ڏهائي 3 رپيا في ڪلوگرام تي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

Sindh-Cabinet-20816

سنڌ ڪابينا، کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ايڪسپورٽرز کي 9 ڏهائي 3 رپيا في ڪلوگرام تي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا پاران پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ بابت قاعدن جي مسودي جي به منظوري ڏني وئي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آگاهي ڏني وئي ته وفاقي اي سي سي جي اجلاس ۾ 1 ڏهائي 5 ملين ميٽرڪ ٽنز کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته وفاقي ڪابينا کنڊ جي ڪرائي ڀاڙي لاءِ 10 ڏهائي 7 رپيا في ڪلو تي سبسڊي ڏيڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

ڪابينا ۾ آگاهي ڏني وئي ته پاسما جو مطالبو آهي ته گذريل سال جي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تائين ڪمند جي پيڙاهي شروع نٿا ڪري سگهن، جڏهن ته ايڪسپورٽ واري کنڊ تي 20 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏيڻ جو به مطالبو آهي.

سنڌ ڪابينا اهڙي مطالبي تي سنڌ ۾ شگر ملز کي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ 9 ڏهائي 3 رپيا في ڪلو تي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏني.

ڪابينا جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته شگرملز مالڪن کي آبادگارن جون گذريل سال واريون رهتون ادا ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ توانائي کاتي پاران پاور پلانٽ سبسڊي رولز 2017 بابت پيش ڪيل مسودي ۽ سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني لاءِ ايڇ يو بي ۾ 2 ڏهائي 5 سيڪڙو شيئرز وٺڻ جي به منظوري ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*