اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي توهين عدالت ڪيس ۾ وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي آهي

Imran-Khan-Tweet-21117

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي توهين عدالت ڪيس ۾ وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ پيش ٿيو.

عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته ته هاءِ ڪورٽ ۾ به ساڳئي قسم جو ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن جي ٻڌڻي 15 ڊسمبر ملتوي ڪئي وئي آهي.

بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن کي استدعا ڪئي ته فيصلو اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*