پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ بابت لاهور هائيڪورٽ جي فيصل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

zarim qadri

پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ بابت لاهور هائيڪورٽ جي فيصل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، زرعيم قادري چيو آهي ته ڪيس آخري مرحلي  آهي، جن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن جي ضمانت ٿي چڪي آهي، رپورٽ سان اسان کي ڪو به خطرو نه آهي، هي رپورٽ حتمي ناهي.

نواز ليگ اڳواڻ زعيم قادري چيو ته لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف هو سپريم ڪورٽ ويندا.

هن چيو ته اسان کي رپورٽ مان ڪو به خطر نه آهي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ موجود آهي، جڏهن ته هي رپورٽ حتمي نه آهي.

زرعيم قادري چيو آهي ته جيڪي ماڻهو هن ڪيس ۾ نامزد هئا، انهن سمورن خلاف ڪارروائي ٿي چڪي آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته هي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلي رهيو آهي، ڪيس ۾ جن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ووي هو، انهن عدالتن مان ضمانت ورتي آهي ۽ هي ڪيس آخري مرحلي ۾ آهي.

هن چيو ته خواهش کي خبر بڻائڻ پي ٽي آءِ جي خواهش رهي آهي، اهي ئي ماڻهو دعا گهري رهيا آهن ته نوازشريف ۽ نواز ليگ کي ميدان تان هٽي وڃن، جيڪي نوازشريف کي وزيراعظم بڻائن، اهي غائب  ٿي وڃن.

زعيم قادري چيو ته هاڻ ماڻهو غائب ڪرائڻ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته  سياست ۾  خدمت ۽ محنت ضرور هوندي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*