پيپلزپارٽي جو اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن

pp jalsa

پيپلزپارٽي جو اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن، جڏهن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيالن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي.

پيپلزپارٽي جي 50هين يوم تاسيس جي حوالي سان جلسو  اڄ ٿي رهيو آهي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيالن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

جلسي کي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

جلسي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته 160 ويڪرو ۽ 24 فوٽ ڊگهو اسٽيج به تيار ڪيو ويو آهي.

جلسي جي سائونڊ سسٽم جا انتظام ڊي جي بٽ جي حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي  سخت ڪيا ويا آهن.

ٽريفڪ پوليس به پيپلزپارٽي جي جلسي سبب ٽريفڪ پلان جوڙي ورتو آهي.

ٽريفڪ  موجب، جلسي لاءِ ايس پي ٽريفڪ، 3 ڊي ايس پيز، 20 انسپيڪٽر سميت 550 آفيسر ۽ جوان ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.

ٽريفڪ پلان موجب، جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙن لاءِ ڪشمير هاءِ وي کان زيرو پوائنٽ جي ساڄي پاسي کان پريڊ گرائونڊ سامهون گاڏيون پارڪ ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*