خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس پاران ڪرپشن جي خاتمي بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي

khairpur anti cruption

خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس پاران ڪرپشن جي خاتمي بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي.

       سرڪل آفيسر غلام شبير گولاٽو جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن ۽ شهرين اينٽي ڪرپشن آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.

         ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اينٽي ڪرپشن صوبي مان ڪرپشن جي خاتمي بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ جاڳرتا ريلين جو سلسلو شروع ڪيو آهي.

   هن چيو ته جنهن به ماڻهو کي ڪنهن به کاتي ۾ ڪرپشن بابت ڄاڻ هجي ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن سان رابطو ڪري جيئن ڪرپشن ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*