سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان حڪومت ۽ ادارن خلاف ساز ش ڪري رهيو آهي

mariyam oranzab

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان حڪومت ۽ ادارن خلاف ساز ش ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ ڪڏهن به ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو آهي.

مريم اورنگزيب راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌرڻي تي وڌيڪ ڳالهائڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي ۽ ملڪ اهڙا ڌرڻا برداشت نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته ادارا ملڪ جي آئين کان هٽي ڪري ڪم نٿا ڪري سگهن ۽ سازش ڪندڙن کي عوام 2018 ۾ رد ڪري ڇڏيندو.

مريم اورنگزيب چيو ته ميٽرو کي جنگلا بس چوندڙ جنگلو به نه ٺاهي سگهيا آهن ۽ سازش ڪندڙن کي عوام 2018 ۾ رد ڪري ڇڏيندو.

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ مخالف رڳو 4 سالن عوامي منصوبن تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*