وڪيلن پاران سينيئر سول ڪورٽ جيڪب آباد کان ٺل منتقل نه ڪرڻ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۽ سيڪنڊ سول جج کي گرانٽ نه ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو

thul advocate

وڪيلن پاران سينيئر سول ڪورٽ جيڪب آباد کان ٺل منتقل نه ڪرڻ،  ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۽ سيڪنڊ سول جج کي گرانٽ نه ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

جتي وڪيل اڳواڻن گلاب بگٽي، ابوبڪر ڪنراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي بائيڪاٽ ڪري ڪورٽ آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سينيئر سول ڪورٽ 1986 ۾ قائم ڪئي وئي پر ان جا ڪيس جيڪب آباد  ۾ هلايا پيا وڃن، جيڪا هتان جي وڪيلن توڙي عوام سان وڏي ناانصافي آهي، سندن ڪافي ڀيرا اعلي عدليه جي ججن کي ليٽر اماڻيا، پر پوءِ به عمل نه پيو ڪيو وڃي.

هنن چيو ته پوري ضلعي ۾ آبادي جي حوالي سان ٺل تعلقو  وڏو آهي، پر هتان جي عوام سان وڏي ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته سندن مطالبن تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي،  ٻئي صورت  ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*