نوابشاهه ۾ چار شگر ملز حبيب النور، شاهپور جهانيان، ٻانڌي ۽ سڪرنڊ شگر ملز چمنيو ن ٻاري ڇڏيون آهن

nawabshah sugar mills

نوابشاهه ۾ چار  شگر ملز  حبيب النور، شاهپور جهانيان، ٻانڌي ۽ سڪرنڊ شگر ملز  چمنيو ن ٻاري ڇڏيون آهن.

حڪومت طرفان 182 رپيا اگهه مقرر ڪرڻ باوجود انڊيڊ جاري نه ڪيو.

آبادگارن جي نمائندن پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ چيو آهي ته ضلعي جي شگر ملز طرفان آبادگارن کي چيو ويو آهي ته 130 روپيا شگرملز جي طرفان ادا ڪيو ويندو، آباد گار ڪمند ونڊين ته موڪلي ڏين.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته سندن ملز وارن کي چيو آهي ته هو  اهڙو بيان لکت ۾ ڏين،  پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو .

ٻئي طرف شوگر ملز انتظاميا جو چوڻ آهي ته سندن قانون تي عمل ڪنداسين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*