تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان عدالتي حڪم تي پي ٽي وي حملو ڪيس جي حوالي سان سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

imran khan

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان عدالتي حڪم تي پي ٽي وي حملو ڪيس جي حوالي سان سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران عمران خان 7 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان خلاف 2014ع ۾ اسلام آباد ڌرڻي جي دوران 4 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن ۾ پي ٽي وي، پارليامينٽ حملو ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ڪيس به شامل آهن.

تحريڪ انصاف چيئرمين انهن ڪيسن مان ضمانت وٺي چڪو آهي پر عدالت کيس جاچ آفيسرن آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

عمران خان جي وڪيل گذريل ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو هو ته سندس اصيل لکت بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

عدالت عمران خان جي وڪيل جي موقف کي رد ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي جاچ آفيسر آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالتي حڪم کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي پيش ٿي جاچ آفيسر آڏو پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو.

پوليس موجب، عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مٿس سمورا ڪيس ڪوڙا سياسي نوعيت جا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته عمران خان جيڪو لکت ۾ جواب ڏنو هو، اهو ئي ساڳيو بيان جاچ آفيسر کي ڏنو آهي.

 واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان خلاف چئن ئي ڪيسن جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، عدالت عمران خان کي طلب ڪري ورتو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*