لاڙڪاڻي ۾ ايڪسائيز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

larkana exsicez mulazim

لاڙڪاڻي ۾ ايڪسائيز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي سنڌ ۾ انسپيڪٽر جي خالي پيل عهدن لاءِ ٽيسٽ ڏئي ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن سيد فياض علي شاهه، غلام مصطفيٰ ڀٽو ۽ ٻين آفر ۽ جوائننگ آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي  هنن چيو ته  10 سال اڳ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ انٽرويو ۽ ٽيسٽ ڏئي ميرٽ جي بنياد تي ڪاميابي ماڻي پر هن وقت تائين آفر ۽ جوائننگ آرڊر جاري ٿي نه سگهيا آهن.

هنن چيو ته اميدوارن طرفان سال 2010ع دوران سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي،  جنهن تي عدالت سندن جي حق ۾ فيصلو ڏنو.

هنن وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪم کي ٿڏيندي کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري سميت لاڳاپيل عملدارن طرفان آفر ۽ جوائننگ آرڊر جاري ناهن ڪيا ويا، جيڪو عمل ميرٽ جي قتل عام برابر آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته آفر ۽ جوائنگ آرڊر جاري ڪري سمورن اميدوارن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*