لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو آهي

larkana benzr uni pro

لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو آهي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ملازمن صوبدار علي شيخ، نور محمد هليو ۽ ٻين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ملازمن  الزام هڻندي چيو ته ڪجهه سال اڳ ڀرتي ڪيل چوڪيدارن ۽ پٽيوالن کي پروموشن ڏئي ڪلارڪ بڻايو ويو آهي، پر ان جي جاءِ تي ڪيترن ئي سالن کان ڊيوٽيون ڪندڙ سينيئر ملازمن کي نظرانداز ڪري انهن جي حق تلفي ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ڪيترائي ملازم پروموشن، ميڊيڪل سهولت سميت مراعتن کان محروم بڻيل آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*