دهشتگردي ٽوڙ عدالت عيسائي جوڙي کي ساڙيندڙ چئن جوابدارن جي رمانڊ جو فيصلو محفوظ

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئري ساڙيندڙ چئن جوابدرن جي جسماني رمانڊ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بٺي جي مالڪ سميت چئن جوابدرارن بابت جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪيو.

عيسائي جوڙي کي جيئري ساڙڻ واري ڪيس ۾ بٺي مالڪ محمد يوسف، غلام حسين، حارث ۽ شبير کي پيش ڪيو ويو.

بٺي مالڪ محمد يوسف عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هو شگر جو مريض آهي ۽ هو 9 ۽ 10 محرم تي گهر ۾ هو، جڏهن ته معاملي بعد دير سان خبر پئي.

عدالت چئني جوابدارن جي جسماني رمانڊ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*