پنجاب جي علائقي ملتان ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ آتشبازي جو سامان هٿ ڪري ورتو آهي

Multan

پنجاب جي علائقي ملتان ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ آتشبازي جو سامان هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فيڪٽري جي مالڪ کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ملتان ۾ لوهاري گيٽ ٿاڻي جي پوليس ڦٽاڪا ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو هڻي  فيڪٽري مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ اهي ته ڪارروائي دوران 5 هزار چاڪليٽ بم، 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو، 5 ڪلو گرام فليته وائر، 4 چرخيون ۽ 5 ڪلو گرام پيڪنگ مٽيريل هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل فيڪٽري مالڪ احسان فاروق قريشي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*