باقراڻي ۾ڇتي ڪتي معصوم ٻارڙي کي ڏاڙهي وڌو، جن کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال پهچايو ويو آهي

bakrani map

باقراڻي ۾ڇتي ڪتي معصوم ٻارڙي کي ڏاڙهي وڌو، جن کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال پهچايو ويو آهي.

ايريگيشن کاتي جي ملازم عبدالحسين ڪلهوڙو جي معصوم پٽ زين علي ڪلهوڙو کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، واقعي خلاف وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي وارثن چيو ته باقراڻي شهر ۾ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ڏينهن ڏٺي جو منهنجي معصوم پٽ تي ڇتي ڪتن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

هنن ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته باقراڻي ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪري، شهر ۾ ڇتن ڪتن جو آزار ختم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*