ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته ڀارت،افغانستان، چين ۽ ايران اسان جا پاڙيسري آهن

suhail aman air marsahl

ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته ڀارت،افغانستان، چين ۽ ايران اسان جا پاڙيسري آهن، اسان پنهنجا پاڙيسري ملڪ تبديل نٿا ڪري سگهون،

اسلام آباد ايئريونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل سهيل مان چيو ته جمهوريت جي نالي تي عراق۽ ليبيا ۾جيڪو ٿيو، سڀني جي سامهون آهي،

هن چيو ته ڪنهن تي به پنهنجي مرضي جي جمهوريت لاڳو نٿي ڪري سگهجي، جيڪو امن ٻيا ملڪ نه آڻي سگهيا، اسان آندوسين،

ايئر چيف مارشل چيو ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن ۽ اسان جو مستقبل روشن آهي.

هن چيو آهي ته ڀارت،افغانستان، چين ۽ ايران اسان جا پاڙيسري آهن، اسان پنهنجا پاڙيسري ملڪ تبديل نٿا ڪري سگهون،

ايئرچيف مارشل چيو ته جٽادار ۽ مضبوط امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، هر فرد جي ذميواري آهي ته هو رياست جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*