تحريڪ انصاف سربراهه آصف زرداري تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته زرداري جهڙي جهمر هنئي ان کي اهڙي وڌيڪ پرفارمنس ڏيکارڻ گهرجي

imran khan

تحريڪ انصاف سربراهه آصف زرداري تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته زرداري جهڙي جهمر هنئي ان کي اهڙي وڌيڪ پرفارمنس ڏيکارڻ گهرجي ، پيپلزپارٽي جي ترجمان چوڌري منظور رد عمل ۾ چيو آهي ته ڌمال پ پ جي ميراث آهي، ذوالفقار علي ڀٽو قلندر جي درگاهه تي ڌمال هنئي هئي، طالبان ۽ عمران خان جو هدف هڪ ئي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آصف علي زرداري اسلام آباد جلسي ۾ جهڙي جهمر هنئي،  ان کي اهڙي وڌيڪ پرفارمنس ڏيکارڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته مون ڪرڪيٽ کيڏي پيسو ملڪ اندر آندو، منهنجي ڀيٽ سلطانه ڊاڪو سان ڇو پئي ڪئي وڃي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاران آصف زرداري جي اسلام آباد جلسي ۾ جهمر تي تنقيد تي رد عمل ظاهر ڪندي پيپلزپارٽي جي ترجمان منظور چوڌري چيو ته ڌمال پ پ جي ميراث آهي.

هن چيو ته قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قلندر جي درگاهه تي ڌمال هنئي هئي،

چوڌري منظور چيو ته طالبان ۽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جو هدف هڪ ئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*