ميرپور ساڪري ڀرسان سمنڊ ۾ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾100 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان 35 ڄڻن کي بچايو ويو آهي ۽ 16 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن

thata boat kulti

ميرپور ساڪري ڀرسان سمنڊ ۾ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾100 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان 35 ڄڻن کي بچايو ويو آهي ۽ 16 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ مسمات لالڻ نازيه، ڪريم النساء جوکيو، 4 ورهين جو ياسر مقصود جوکيو، ابوبڪر جوکيو، مسمات وزيران جوکيو، احمد لاشاري، مسمات شبانا پنھور، حاجران جوکيو، محمد علي خاصخيلي، 3 ورهين جي ناديا ميمڻ، دلاور جوکيو، حنيف منڍو جنگشاھي، ياسمين ۽ بيبي جويريا شامل آهن، ٻيڙي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، مقامي ماڻهن پاران ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.

حادثي جو شڪار ٿيلن جي وارثن انتظاميا خلاف واقعي واري هنڌ احتجاج ڪندي چيو آهي ته واقعي کانپوءِ ترت ڪارروائي نه ڪرڻ تي فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي.

مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ڳوٺاڻا ٻيڙي  ۾ سوار ٿي مينهن پٺائي جي ميلي تي وڃي رهيا هئا، گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئڻ سبب ٻيڙي اونهي سمنڊ ۾ اونڌي ٿي پئي.

ٻيڙي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جن مان 35 ڄڻن کي بچايو ويو آهي ۽ 16 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، ٻڏي ويلن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويوآهي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ وڏي وزير جي واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد به ضلعي انتطاميا واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي آهي، جڏهن  ته مقامي ماڻهن پاران امدادي ڪارروائيون جاري آهن.

ڊي سي ٺٽو پاران پاڪستان نيوي کان مدد پڻ طلب ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*