پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه چيو آهي ته ماڊل ٽائون جاچ رپورٽ فيڪٽس ۽ فائنڊنگس تي ٻڌل آهي

governer punjab rafiq ranjawa

پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه چيو آهي ته ماڊل ٽائون جاچ رپورٽ فيڪٽس ۽ فائنڊنگس تي ٻڌل آهي، ان جو حقيقي سان ڪو به تعلق ناهي ۽ ان کي شاهدي طور به پيش نٿو ڪري سگهجي، چونڊون نه وقت کان اڳ ٿينديون نه ئي وقت کان پوءِ ٿينديون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رفيق رجوانه چيو ته ملڪ ۾ حالتون ڇڪتاڻ واريون نه آهن انهن کي بڻايو پيو وڃي.

هن چيو ته احتجاج سڀني جو حق آهي پر احتجاج حدن ۾ رهي ڪجي.

پنجاب جي گورنر چيو ته ماڊل ٽائون جاچ رپورٽ فيڪٽس ۽ فائنڊنگس تي ٻڌل آهي، ان جو حقيقي سان ڪو به تعلق ناهي، جڏهن ته ان کي شاهدي طور به پيش نٿو ڪري سگهجي.

رفيق رجوانه چيو ته چونڊون نه وقت کان اڳ ٿينديون نه ئي وقت کان پوءِ ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*