ڊالر جي ملهه کي پر لڳي ويا، انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو ملهه 4 رپيا واڌ کانپوءِ 109 رپيا 50 پيسا جو ٿي ويو

Dollar-Vs-Pakistani-Rupee

ڊالر جي ملهه کي پر لڳي ويا، انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو ملهه 4 رپيا واڌ کانپوءِ 109 رپيا 50 پيسا جو ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جو ملهه 110 رپين تائين پهچي ويو  آهي.

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ اوچتو چئن رپين جو اضافو ٿي ويو آهي جنهن سبب آمريڪي ڊالر 105 رپيا 50 پئسن مان وڌي 109 رپيا 50  پئسن جو ٿي ويو آهي.

رپورٽ مطابق آمريڪي ڊالرن جي وڏي تعداد ۾خريداري سبب مارڪيٽ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافي کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ مني چئنجرز ڊالرن جو وڪرو بند ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ غير معمولي اضافي تي اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان  چيو آهي ته مارڪيٽ جي صورتحال کي نظر رکندي جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*