سپريم ڪورٽ مارجي ويل قومپرست ڪارڪن انيس سومرو ڪيس جي جاچ ايس ايس پي پير محمد شاهه حوالي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ مبينا پوليس  مقابلي ۾ مارجي ويل قومپرست ڪارڪن انيس سومرو ڪيس جي جاچ ايس ايس پي اوڀر پير محمد شاهه حوالي ڪري ڇڏي آهي، آءِ جي سنڌ کي ڪيس ۾ سمورن نامزد جوابدارن ۽ ڏوهاري رڪارڊ رکندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ۽ ايس ايس پي ملير رائو انوار خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ رجسٽري ڪراچي ۾ انيس سومرو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس امير هاني مسلم ۽ جسٽس مقبول باقر ڪيس جي ڪارروائي هلائي.

ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اي آءِ جي غلام قادر ٿيٻو ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا.

عدالت آءِ جي سنڌ کان انيس سومرو قتل ڪيس ۽ ڏوهاري رڪارڊ رکندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي آءِ جي سنڌ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو.

عدالت انيس سومرو قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن پوليس اهلڪارن ۽ ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ ايس ايڇ اوز اسحاق لاشاري، اسماعيل لاشاري ۽ شعيب شيخ خلاف انڪوائري ڪري ٽن مهينن اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*