اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن واري مطالبي تي غور ويچاري لاءِ پارٽي جي اهم اڳواڻن کي آچر ڏينهن تي دبئي سڏائي ورتو آهي

pppp-ijlas-in-dubai

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن واري مطالبي تي غور ويچاري لاءِ پارٽي جي اهم اڳواڻن کي آچر ڏينهن تي دبئي سڏائي ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري، ملاقات دوارن طاهر القادري کي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي وقت کان اڳ چونڊن لاءِ راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏنو هو.

ذريعن موجب ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن واري معاملي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري، يوصف رضا گيلاني، راجه پرويز اشرف سميت پارٽي جي اهم اڳواڻن کي آچري ڏينهن دبئي ۾ سڏائي ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري طاهر القادي سان ملاقات ۾ کيس عمران خان کي راضي ڪرڻ جو به ٽاسڪ ڏنو هو ، جنهن معاملي تي غور ويچار لاءِ پ پ جو اجلاس سڏايو ويو آهي.

ذريعن موجب وقت کان اڳ عام چونڊن جي سلسلي ۾ شيخ رشيد سان به رابطو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*