تحريڪ انصاف جي اجلاس ۾ بيت المقدس بابت امريڪي صدر جي بيان جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي

pti ijlas

تحريڪ انصاف جي اجلاس ۾ بيت المقدس بابت امريڪي صدر جي بيان جي  سخت مذمت ڪئي وئي آهي، جاري ڪيل پڌرنامو ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو فوري منعقد ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ جو وفد سڀاڻي پي اي ٽي سربراهه طاهر القادري سان ملاقات ڪندو.

اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ مرڪزي قيادت جو اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

اجلاس ۾ عالمي سطح جي اٿل پٿل ۽ آمريڪي صدر جي اعلان بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو.

 اجلاس ۾ بيت المقدس بابت امريڪي صدر جي بيان جي  سخت مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ تي به غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف ۽ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو.

اجلاس جي ختم ٿيڻ بعد جاري ڪيل پڌرنامو ۾ چيو ويو ته اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو فوري منعقد ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي،

پڌرنامي موجب، پي ٽي آءِ جو وفد سڀاڻي پي اي ٽي سربراهه طاهر القادري سان ملاقات ڪندو، وفد ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ ٻيا شامل آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*