فرانس ۾ جادوئي روشنين وارو فيسٽول شروع ٿي ويو

france lights festival

فرانس ۾ جادوئي روشنين وارو فيسٽول شروع ٿي ويو.

 لِيُون ۾ عمارتون رنگ برنگي بتين سان جرڪي پيون.

چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ فيسٽول ۾ فنڪارن پاران 50 جي لڳ ڀڳ تيار ڪيل روشنين جي ڊزائينن کي شهر جي مک عمارتن، چوڪن توڙي گهٽين ۾ نصب ڪيو ويو آهي.

 خوبصورت منظر پيش ڪندڙ روشنين مان شهري لطف اندوز ٿي رهيا آهن.

            2015 ع ۾ پئرس حملن سبب ملتوي ڪيل فيسٽول کي گذريل سال ٽن ڏينهن تائين محدود ڪيو ويو هو.جڏهن ته هن سال فيسٽول معمول موجب چئن ڏينهن تائين جاري رهندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*