ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن پاران ڪرپشن خلاف آگاهي واڪ ڪئي وئي

khi anti coruption walkout

ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن پاران ڪرپشن خلاف آگاهي واڪ ڪئي  وئي، جنهن ۾ ڊي جي نيب سنڌ، صوبائي وزير نثار کهڙو، ناصر شاهه ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.

اينٽي ڪرپشن چيئرمين علم الدين بلو جي اڳواڻي ۾ سنڌ اسيمبلي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين واڪ ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ اسڪائوٽس به شريڪ ٿيا.

ريلي ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ کانپوءِ رشوت سماجي برائي جي عنوان سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي اينٽي ڪرپشن چيئرمين علم الدين بلو خطاب ڪندي چيو ته کاتي ۾ جديد ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائي ويندي، جنهن ۾ ڪيس مينجمينٽ سسٽم، فرانزڪ ليب ۽ ٽريننگ اسڪول قائم ڪرڻ تي ڪم جاري آهي.

نثار کهڙو چيو ته ڪرپشن خلاف فيصلن ۾ دير نه ٿيڻ ۽ احتساب سڀني جو ٿيڻ انتهائي ضروري آهن، جنهن ۾ پسند يا ناپسند نه هئڻ گهرجي.

صوبائي وزير چيو ته نيب کي پلي بارگين ۽ رضاڪاراڻي طور تي پيسا واپس ڪرڻ واري داغ کي صاف ڪرڻ گهرجي.

ناصر شاهه چيو ته هڪ وزيراعظم جو مثال سڀني سامهون آهي، هاڻ نظر پيو اچي ته وڏيون مڇيون ۽ مانگر مڇ به پڪڙ ۾ اچي رهيا آهن.

ڊي جي نيب سنڌ سراج احمد چيو ته هو چاهين ٿا ته نوجوان مستقبل ۾ ڪرپشن کان پاڪ نمائندن جي چونڊ ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*