ميرپورساڪرو ڀرسان ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ملير واسي وڌيڪ 5 ڄڻن جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي آهي

malir namaz e janaza beri budal

ميرپورساڪرو ڀرسان ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ملير واسي وڌيڪ 5 ڄڻن جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي آهي، فوت ٿيل ميان پٺائي جي درگاهه تي حاضري لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو هو.

ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل مقصود جوکيو، دلاور جوکيو، مسمات وزيران جوکيو، 5  ورهين جي افضل جوکيو  ۽ 7 ورهين جي ياسر جوکيو جا لاش سندن ڳوٺ آچار سلار پهچايا ويا جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾  تدفين ڪئي وئي.

جنازي نماز ۾  ايم اين اي اي حڪيم بلوچ،  پي ٽي آء اڳواڻ حليم عادل شيخ، ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن سان گڏ ماڻهن وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*