دهشتگردي ٽوڙ عدالت ججز نظر بندي ڪيس ۾ پرويز مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ججز نظر بندي ڪيس ۾ جوابدار پرويز مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي، مشرف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست تي فيصلو 13 مارچ تي ٻڌايو ويندو.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻيءَ دوران جوابدار جي وڪيل پرويز مشرف جي اڄوڪي ۽ مستقبل حاضري کان ڇوٽ لاءِ 2 مختلف درخواستون داخل ڪرايون.

مشرف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پرويز مشرف کي سڪيورٽي مسئلا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرن کي به کيس سفر کان روڪيو آهي.

وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته مشرف جي اڄوڪي ۽ مستقبل حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون منظور ڪيون وڃن.

ٻڌڻيءَ دوران پراسڪيوٽر مشرف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته هر ڀيري ساڳيو موقف اختيار ڪندي درخواست داخل ڪئي پئي وڃي، عدالت اهڙي درخواست رد ڪري.

عدالت، مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو 13 مارچ تائين محفوظ ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*