اهم ادارن ۾ رڳو پنجابين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي ڇا سنڌ ۾ قابل ماڻهن جو ڏڪار آهي، سينيٽر طاهر مشهدي

سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ايوا ڪيو ٽرسٽ ۾ ٿيندڙ ڀرتين ۾ سنڌين کي نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي پاڪ-چين اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪرڻ خلاف واڪ آئوٽ ڪيو  آهي، سينيٽر طاهر مشهدي چيو آهي ته اهم ادارن ۾ رڳو پنجابين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، ڇا سنڌ ۾ قابل ماڻهن جو ڏڪار آهي.؟

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ جو اجلاس چيئرمين نئير حسين بخاري جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس جي شروعات ۾ ديهانت ڪري ويل سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ڀڳوانداس لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

سينيٽر هري رام چند چيو ته راڻا ڀڳوانداس هڪ اصول پسند شخصيت هو، جنهن پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو.

سينيٽ چيئرمين نئير بخاري چيو ته راڻا ڀڳوانداس هڪ تاريخي شخصيت هو، سندس فيصلا ئي ڳالهائيندا هئا.

اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ڳالهائيندي مملڪتي وزير شيخ آفتاب چيو ته 2013 جي چونڊن ۾ ڪنهن پرائيوٽ پرنٽنگ کان بيلٽ پيپر نه ڇاپرايا ويا هئا، گڏيل طور تي 18 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي عمل ۾ آئي.

هڪ ميمبرز جي سوال تي شيخ آفتاب چيو ته جيڪڏهن انگريزن جي دور کان ٺهيل پلون اڃا تائين قائم آهي ته پوءِ 66 سال پراڻي مشين استعمال ڪرڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي.؟

سينيٽر صغريٰ امام ايوان ۾ سوال اٿاريو ته انڊس واٽر جي اڳوڻي ڪمشنر جماعت علي شاهه خلاف  ڪارروائي ڇو نه ٿي؟.

مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته جماعت علي شاهه کي گذريل حڪومتي دور ۾ هٽايو ويو، ان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ۽ بري ڪيو ويو.

عابد شير علي چيو ته گذريل دور ۾ وزيرن جماعت علي شاهه کي ڪليئر قرار ڏنو، ڪارروائي نه ٿيڻ جي جاچ ڪئي ويندي، جڏهن ته فوجداري ڪيس شروع نه ٿيڻ واري معاملي جي به جاچ ڪئي ويندي.

ايوا ڪيو ٽرسٽ ۾ ٿيندڙ ڀرتين ۾ سنڌين کي نظر انداز ڪرڻ خلاف متحده ميمبرز احتجاج ڪيو، سينيٽر طاهر مشهدي چيو ته ايوا ڪيو ٽرسٽ ۾ 12  ئي مسلمان ميمبرز پنجاب مان ڀرتي ڪيا ويا آهن.

طاهر مشهدي چيو ته سنڌ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙا ماڻهو ڏنا، ڇا سنڌ ۾ ماڻهن جو ڏڪار آهي جو سنڌين کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

مملڪتي وزير شيخ آفتاب چيو ته شڪايت جائز آهي، جنهن جو ازالو ڪيو ويندو.

ايوان ۾ پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي جو روٽ تبديل ڪرڻ خلاف اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو.

سينيٽر زاهد خان چيو ته رڳو هڪ صوبي کي فائدو پهچائڻ لاءِ منصوبي جو روٽ تبديل ڪيو پيو وڃي.

ايوان ۾ مخالف ڌر جي ميمبرز جي واڪ آئوٽ بعد چيئرمين اجلاس سومر 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*