ڪراچي ۾ صحت کاتي جو هنگامي اجلاس جاري، پوليو مهم فوج حوالي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي

ڪراچي ۾ صحت کاتي جو هنگامي اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ پوليو مهم فوج حوالي ڪرڻ واري آپشن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ جي صدارت هيٺ صحت کاتي جو اهم اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، صحت وارا وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ ڊبليو ايڇ او جا نمائندا شريڪ آهن.

اجلاس ۾ پوليو مهم فوج حوالي ڪرڻ واري آپشن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڊبليو ايڇ او پاران حڪومت کي پوليو جي روڪٿام لاءِ ٺوس  اپاءُ وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي.

ڊبليو ايڇ او جي نمائندن جو چوڻ آهي ته  پاڪستان ۾ تيزي سان پوليو ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن، پر حڪومت ڪي به ٺوس قدم ناهن کنيا.

نمائندن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليو مهم دوران  ويڪسين  لاءِ پيڪنگ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي، ته جيئن ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءُ  ڦڙا پيڻ کان رهجي نه سگهي.

نمائيندن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊبليو ايڇ او نٿو چاهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿين، جنهن سبب سرڪار کي ٽوس قدم کڻڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*