ھالا ويجهو زمين جي مالڪي تان ارباب برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي بعد هڪ ڌر جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Hala-Protest-91217

ھالا ويجهو زمين جي مالڪي تان ارباب برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي بعد  هڪ ڌر جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس ڌر بڻيل آهي.

ھالا پراڻا ۾ ارباب برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙوٿيو، جنهن بعد  ھڪ ڌر جي ماڻهن الطاف ارباب، شاھ ڏنو ارباب، شبير ارباب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھالا ۾ درگاھ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته تڪرار ۾ پوليس ڌر بڻجي وئي آهي، جنهن جي ڪري انصاف جي اميد نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*