لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Larkana-Abra-BrotheryPolice-against-Protest-91217

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ محمود ديرو جي رهواسين نظير حسين ابڙو ڀيڻ اميران خاتون ۽ ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

 احتجاج ڪندڙ نظير حسين چيو ته گذريل ڏينهن منهنجا ڀاڻيج شهمير ۽ ميرل ابڙو ڳيريلو ڀرسان ڳوٺ ترائي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ بااثرن کين روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کين مارڪٽ ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

هن چيو ته واقعي بابت ڳيريلو پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران منهنجي ڀاڻيجن کي گرفتار ڪيو.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*