سينيٽ چونڊن جو نظام تبديل ٿيڻ گهرجي، چوڌري شجاعت حسين

مسلم ليگ قاف جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سينيٽ چونڊن دوران اميدوار جو نالو بيلٽ پيپر تي لکڻ واري تجويز جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هارس ٽريدنگ ٻڌي هئي پر هاڻي “ کوتا ٽريڊنگ” منظر عام تي اچي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ انتهائي ڏکيو آهي.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به بيلٽ پيپر تي ووٽر جو نالو ناهي هوندو، ان ڪري هو سينيٽ چونڊن دوران بيلٽ پيپر تي ووٽر جو نالو شامل ڪرڻ واري تجويز جي مخالفت ڪن ٿا.

هن چيو ته سينيٽ چونڊن جو نظام تبديل ٿيڻ گهرجي پر بيلٽ پيپر تي اميدوار جو نالو لکڻ آمريت جي برابر آهي.

هارس ٽريڊنگ بابت سوال جي جواب ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته هاڻي کوتا ٽريڊنگ منظرعام تي اچي وئي آهي،جنهن کي روڪڻ ڏکيو آهي.

پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس بابت ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته وزيراعظم کين اڄوڪي اجلاس ۾ ناهي گهرايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*