اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

Khaqan-Abbai-Pm-Pakistan-91217

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، پيپلز پارٽي جي رينٽل پاور پلانٽ رٿائن سان ملڪ اربين رپين جو قرض ٿي ويو.

جهنگ ۾ ايل اين جي ٽرمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جي مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ چونڊون ٿينديون.

هن چيو ته  خوشي آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن سان رٿائون لڳائي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته سي پيڪ پ پ جي دور ۾ به ٿي پئي سگهيو پر اها رٿا اين آر او  ذريعي آيل حڪومت ۾ ٿي نه پئي سگهي.

هن چيو ته سي پيڪ نواز ليگ جي دور ۾ تنهن ڪري آيو ڇو ته کين عوام جو اعتماد حاصل آهي.

 سندس چوڻ هو ته سڀ گڏجي ڪوششون ڪن ته جمهوريت اڳتي وڌي سگهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جتي بجلي چوري ٿيندي اتي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.

هن چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي، بجلي چورن کي بجلي جي فراهمي حڪومت جي ذميواري ناهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي چڪي آهي، رڳو اڄ نه پر مستقبل جي بجلي جون ضرورتون به پوريون ڪري رهيا آهيون.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته رينٽل پاور پلانٽ رٿائن سان ملڪ اربين رپين جو قرض ٿي ويو.

سندس چوڻ هو ته آگسٽ ۾  چونڊون ٿينديون، فيصلي جو اختيار عوام وٽ هئڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*