صوبائي گهرو کاتي، غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ٻه سڪيورٽي ڪمپنيون بند ڪرائي ڇڏيون آهن، آءِ جي سنڌ

KHUWAJA-IG-SINDH-91217

صوبائي گهرو کاتي، غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ٻه سڪيورٽي ڪمپنيون بند ڪرائي ڇڏيون آهن، آءِ جي سنڌ، ڪمپنين جي سرگرمين جي غلط رپورٽ ڏيندڙ ايس ايس پي ٿرپارڪر ذاڪر پيراڻي کان چارج واپس وٺي، سندس خلاف کاتيدار ڪارروائي جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي، غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ٻن سڪيورٽي ڪمپنين الائيڊ ۽ يونيورس بند ڪرائيندي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن.

آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي جي هدايتن تي سڪيورٽي ڪمپنين جي سرگرمين جي غلط رپورٽ ڏيندڙ ايس ايس پي ٿرپارڪر ذاڪر پيراڻي کان چارج واپس وٺي سندس خلاف کاتيدار ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

بند ڪرايل سڪيورٽي ڪمپنيون حب ۽ ٿرپارڪر وارن علائقن ۾ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ڏٺو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*